اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊيڊ روانگي واپار جي فروغ لاءِ سوتي ڌاڳي تي 30 جون 2021ع تائين 5 سيڪڙو درآمدي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي ريوينيو ۾ اضافي جي لاءِ روڊ ??يپ جي تياري جي ڏس ۾ منصوبابندي واري وزير اسد عمر جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اي سي سي لاجسٽڪ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ??نڊ ۽ ڪڻڪ آڻيندڙ جهازن جي برٿنگ کي ??رجيح ڏني وڃي جڏهن ته ان ڳالهه جو به خيال رک??و وڃي ته ان سان ٻيو درآمدي مال متاثر نه ٿئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.