اسلام آباد – 03 نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏن وزيرن ۽ وفاقي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اين سي سي موجب اجلاس دوران نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي ڦ??لا??ُ جي شرح ۽ مجموعي طور تي ڪورونا جي موجوده صورتحال جي حوا??ي سان آگاهه ڪيو.